پريم شواڻي

پريم شواڻي

پريم شواڻي

پريم شواڻي: صحافي، شاعر ۽ ناول نويس پريم شواڻيءَ ٿرپارڪر ضلعي ۾، مٺي شھر جي ويجهو ڳوٺ ’مالڻھور وِيڻا‘ ۾ پھرين جنوري 1945ع تي جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو ڀگُوجي سوٽھڙ هو. پريم شِواڻي بي. اي، ڊي. ٽي. سي (ڊپلوما ان ٽيچنگ سرٽيفڪيٽ) ۽ بي. ايڊ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي. پريم شِواڻي ڪجهھ وقت لاءِ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر لوڪل گورنمينٽ سانگهڙ جي آفيس ۾ ڪلرڪ ٿي رھيو ۽ 1965ع ۾ ڊرائنگ ٽيچر بڻيو. ھن لکڻ جي شروعات 1964ع ڌاري روزاني ’مھراڻ‘ جي، ٻارن واري صفحي ۾ لکڻ سان ڪئي. بعد ۾ ھن هڪ ناول ’سورن سندو ساٿ‘ نالي لکيو، جيڪو 1968ع ۾ ڇپيو. 1985ع ۾ شاعري شروع ڪئي. پريم شواڻي کي 1970ع ۾ بھترين مصور جو اوارڊ به مليو. رٽائرمينٽ کان پوءِ هن صحافت شروع ڪئي ۽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ روزاني ’ڊان‘ جو بيورو چيف ۽ مٺي پريس ڪلب جو سيڪريٽري ٿي رهيو. هن 10 مارچ 2016ع تي مٺيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ پيارو شواڻي
بہ نوجوان شاعر ۽ اديب آھي.


لفظ پريم شواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.01.01  عيسوي

صحافي، شاعر ۽ ناول نويس پريم شواڻيءَ ٿرپارڪر ضلعي ۾، مٺي شھر جي ويجهو ڳوٺ ’مالڻھور وِيڻا‘ ۾ پھرين جنوري 1945ع تي جنم ورتو.


2016.03.10  عيسوي

پريم شواڻي 10 مارچ 2016ع تي مٺيءَ ۾ وفات ڪئي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

الياس شاڪر
خواجه محمد شريف طوسي
زاهد ملڪ
شان ڏهر
طارق قريشي
حميد هارون
نور جوکيو
ارشاد مستوئي
علي قاضي
اختر حفيظ
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون